گجرات (م ڊ) ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي ڀاءُ چوڌري وجاهت حسين نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، چوڌري وجاهت حسين چيو آهي ته اسان نئين پارٽي ٺاهينداسين، چوڌري شجاعت کي پٽن يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، گجرات ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب دوران چوڌري وجاهت حسين نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته طارق بشير چيما اسانجي خاندان کي تقسيم ڪيو، چوڌري شجاعت جو هڪ پٽ شهبازشريف سان گڏ آهي ۽ ٻيو ايف آءِ اي جي ڪيس ۾ ضمانتون ڪرائي رهيو آهي، سالڪ حسين جو  گجرات جي سياست سان ڪڏهن تعلق ناهي رهيو، چوڌري شجاعت حسين چيو ته گوادر کي پيغام ڏيو ته آئون ۽ پرويز الاهي هڪ آهيون، مون چيو ته آئون پيغام ته ڏيندس پر ماڻهو انڌا ناهن. هن چيو ته خاندان کي داغ لڳي ويو، ظهور الاهي جي پوٽي زرداري کان ڊالر گهريا، زرداري چيو فڪر نه ڪيو توهان کي به ڊالر پهچي ويندا.