ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ ايم اين اي ڊاڪٽر عامر لياقت جي لاڏاڻي بعد ڪراچي جي تڪ اين اي 245 تي  ٿيندڙ  ننڍي چونڊ لاءِ  ڊاڪٽر فاروق ستار سميت31 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا، فارم جمع ڪرائيندڙن ۾ 27 جو تعلق سياسي ۽ مذهبي جماعتن سان آهي جڏهن ته 4 آزاد اميدوارن به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن  موجب اميدوارن جي شروعاتي لسٽ 25 جون تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته 27 جون تائين ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي، اين اي 245 تي ضمني چونڊ لاءِ پولنگ 27 جولاءِ تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب ايم ڪيو ايم جي 5 اميدوارن  شهاب امام، افشان قمبر، ڪرن مسعود، معيد انور، حافظ محمد شهريار خان، پيپلز پارٽي جي 4 اميدوارن محمد دانش خان، فرخ نياز تنولي ، قمر احمد خان، محمد رياض، پي ٽي آءِ جي 4  اميدوارن محمود باقي مولوي، هارون رشيد،  جمال الدين صديقي، صالم سچواني، ٽي ايل پي جي 3 اميدوارن محمد احمد رضا، محمد شعيب، عبدالوحيد، نواز ليگ جي 2 اميدوارن محمد اسد عثماني، رائو محمد جميل  جڏهن ته پي ايس پي جي به 3 اميدوارن  سيد حفيظ الدين ،  حسان صابر ، ارشد ووهره، جي يو آءِ جي 2 اميدوارن محمد غياث ۽  امين الله پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن،  جڏهن ته ڊاڪٽر فاروق ستار، محسن عباس، محمد شاهه رخ ۽ سلامت کوکر آزاد حيثيت ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، ان کانسواءِ مهاجر قومي موومينٽ( حقيقي) ، آل پاڪستان مسلم ليگ، پاڪستان مسلم الائنس جي هڪ هڪ اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.