ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن ڪراچي سرڪيولر ريلوي (ڪي سي آر) سميت قومي مفاد خاطر ميگا پراجيڪٽس شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، جڏهن  ته ِ ٿر جي ڪوئلي کي ملڪ جي  مختلف ٿرمل پاور پلانٽن تائين پهچائڻ لاءِ ريلوي ٽريڪ ( پٽڙي ) وڇائڻ، سنڌ جي مختلف ايئرپورٽس کي آپريشنل ڪرڻ ،صوبائي حڪومت ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي وچ ۾ ٿر ۾ هلندڙ زميني تڪرار کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙا فيصلا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڪيا ويا، وڏي وزير چيو ته ڪراچي ملڪ جو وڏو شهر آهي، هتان  جي  ٽريفڪ جا مسئلا جديد ڪي سي آر سان ئي حل ٿي سگهن ٿا، ڪي سي آر کي مختلف بي آر ٽي لائينن سان ڳنڍيو ويندو. جنهن تي ريلوي واري وزير سعد رفيق چيو ته هو وزيراعظم جي چين جي دوري  دوران ساڻس گڏ هوندو، اميد آهي ته  ڪي سي آر کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرائبو، ملاقات ۾ وزيراعليٰ چيو ته  ٿر جي ڪوئلي کي ملڪ جي ٿرمل پاور پلانٽن تائين پهچائڻ لاءِ ٿر ڪول مائنز کان مين لائين تائين ريلوي ٽريڪ وڇايو وڃي ، ملاقات ۾ مختلف رستن تي خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ ميرپورخاص کوکراپار سيڪشن کي ٿر ڪول فيلڊز سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن لاءِ 105 ڪلو ميٽر پٽڙي وڇائي ويندي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته  انهي سيڪشن تي موجود سگنلنگ سسٽم کي بهتر بڻائي سمورن ڪراسنگ اسٽيشنن تي 700 ميٽر ڊگھا ٻه يونيورسل لوپ لڳايا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير ۽ ريلوي واري وفاقي وزير  ٿر جي ريلوي ٽريڪ لاءِ ڪاميٽي جوڙي، جنهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير، ريلوي وارو وزير، ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، رٿابندي وارو وزير احسن اقبال، وزارت ريلوي جو عيوضي، سنڌ پلاننگ بورڊ جو چيئرمين، سنڌ جو توانائي وارو سيڪريٽري شامل هوندا. ڪاميٽي رٿا جي مالياتي ۽ ٽيڪنيڪل پاسن جو جائزو وٺيهڪ مهيني اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اهو پراجيڪٽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت شروع ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڪجهه عالمي ڪمپنين دلچسپي ڏيکاري آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انهي رٿا لاءِ انٽرنيشنل ٽينڊرز جاري ڪيا ويندا.  سنڌ جي وڏي وزير سنڌ جي 3 ايئرپورٽن حيدرآباد، سيوهڻ ۽ ٿر جي مائي بختاور ايئرپورٽ کي هلائڻ جو معاملو اٿاريو،  جنهن تي خواج سعد رفيق  چيو ته سندس ٽيم کيس حيدرآباد ايئرپورٽ تي حددخلين بابت آگاهي ڏني آهي. انهي تي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سول ايوي ايشن ايئرپورٽ کي هلائڻ تي راضي ٿئي، اسان اهو مسئلو حل ڪنداسين. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حيدرآبادم سيوهڻ ۽ ٿر  ايئرپورٽن کي آپريشنل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ٽيم اماڻي ويندي، ٻئي طرف  وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي حڪم کي به ڏسون پيا،  انهي تي ڪم ڪرڻ به  ڏکيو ڪم آهي، ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سان به مليو آهيان، ڪي سي آر جي متاثرين کي هڪ بهترين متبادل ملڻ گهرجن، پوري دنيا ۾ نيشنل ريلوي ۽ ميٽرو ٽرين جو الڳ الڳ ڪم هوندو آهي، ڪي سي آر منصوبو سي پيڪ جو حصو آهي، هن چيو ته اسين 13 مهينن ۾ سموريون خرابيون ختم نٿا ڪري سگهون، هن چيو ته اسانجي ڪوشش آهي ته ڪراچي کان روهڙي تائين ايم ايل ون  پٽڙي جلد مڪمل ڪرايون، جنهن تي ڪم هلي پيو، سکر ۽ حيدرآباد جي ايئرپورٽس جي بحالي تي ڪم هلندڙ آهي، سکر ايئرپورٽ کي جلد انٽرنيشنل ايئرپورٽ بڻايو ويندو،