لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سيمسٽر جي پيپرن ۾ سپلي لڳائي 100 کان وڌيڪ ڄڻن کي فيل ڪرڻ توڙي 50 کان وڌيڪ شاگردن جا نتيجا پڌرا نه ڪرڻ خلاف ايڊمنسٽريشن بلاڪ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي شاگردن فرمان کوسو، ڊاڪٽر سجاد مري، سعدالله چانڊيو، عرفان ڦلپوٽو ۽ ٻين الزام لڳايو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ٿرڊ ايئر جي 250 کان وڌيڪ شاگردن سيمسٽر جا پيپر ڏنا، جنهن ۾ اسان سخت محنت به ڪئي پر ان جي باوجود ڪاليج انتظاميا طرفان هڪ سازش تحت 250 شاگردن مان 108 شاگردن کي واءِ واز ۾ ٽارگيٽ ڪرڻ لاءِ بناجواز سپليون لڳائي فيل ڪرڻ سميت 50 کان وڌيڪ شاگردن جا نتيجا روڪي ڇڏيا آهن، هنن چيو ته اهڙي طريقي سان شاگردن کي تنگ ڪري سندن مستقبل تباهه ڪيو پيو وڃي، جيڪو ظلم آهي، هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته شاگردن جا رڪيل نتيجا ظاهر ڪري لڳايل واءِ واز واريون سپليون واپس وٺي ٻين بئچز جي شاگردن جي امتحانن جا نتيجا روڪڻ کان پاسو ڪري ايندڙ سال لاءِ واءِ واز سسٽم ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.