حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي نسيم نگر واري علائقي ۾ ڦر واردات دوران مبينا طور پنهنجي گولي لڳڻ سبب ڦورو زخمي ٿي پيو، ترجمان جو چوڻ آهي ته قومي شاهراه عبدالله مال وٽ ٻن اسٽريٽ ڪرمنلز شهرين کان ڦرلٽ ڪئي جنهن دوران شهرين مزاحمت ڪرڻ شروع ڪئي. شهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڦورن فائر ڪيا جنهن دوران پنهنجي پستول جي گولي لڳڻ سبب هڪ ڄڻو امتياز ڀنڊ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. پوليس اهو به ٻڌايو ته جوابدار کي خاص عضوي وٽ گولي لڳي آهي جنهن ڪري کيس علاج لاءِ آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب جوابدار جي ڏوهي رڪارڊ مان کين ڄاڻ ملي آهي ته مٿس ڦرلٽ جا 12 ڪيس اڳ ۾ ئي داخل ٿيل آهن. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار اڳ ئي پوليس وٽ گرفتار ٿيل هو کيس هاف فراءِ ڪيو ويو آهي.