روهڙي (ن پ ا) روهڙيءَ ويجهو علي واھڻ ۾ نامعلوم ھٿياربند گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي لکين رپين جي ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا، متاثرن جو پوليس خلاف احتجاج. تفصيل موجب روھڙيءَ ويجهو علي واھڻ ۾ پوليس چوڪي سامھون ھاءِ اسڪول ڀرسان رات جو دير سان 6 نامعلوم ھٿياربند ساجد علي قريشيءَ جي گهر ۾ داخل ٿي، ھٿيارن جي زور تي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي 70 ھزار رپيا روڪ، ھڪ تولو سونا زيور، يو پي ايس بيٽري، اسٽيپ لائيزر، 2023 ماڊل سي ڊي موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اھڙي واقعي جو جهانگڙو ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو آهي.گهر ڌڻي ساجد علي قريشي پنھنجي ٻارڙن سان گڏ احتجاج ڪندي دانھيو ته گهر ۾ ڌاڙي جي وادات باوجود پوليس ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏياريو وڃي.