حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اوقاف کاتي جي زمين ۽ دڪانن تي مبينا قبضن خلاف سنڌ واچ فورم جي اڳواڻن جي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي چنيسر آريسر ۽ ٻين چيو ته ڪيترن ئي سالن کان اوقاف کاتي جي مينيجرن مختلف ماڻهن کي سوين ايڪڙ زمينون ڏئي ڇڏيون آهن جنهن ۾ سامارو تعلقي جي 500 ايڪڙ زمين آفتاب خاصخيلي نالي شخص وٽ آهي جڏهن ته تعلقي ڪنري ۾ 171 ايڪڙ زمين نور محمد ڪپري ۽ 354 ايڪڙ زمين قاضي فتح محمد نالي شخص سنڀالين ٿا. هنن چيو ته تعلقي ڪوٽ غلام محمد ۾ زميندار احمد خان ڀرڳڙي اوقاف کاتي جي زمين جا کاتا تبديل ڪرائي اها زمين هاڻي پنهنجي پٽن جي نالي تي ڪرائي آهي جڏهن ته اوقاف کاتي ميرپورخاص ڊويزن جي مئنيجر منصور عباسي درگاهه غلام نبي شاهه جا 600 دڪان شاپنگ سينٽر جي ماڻهن کي مسواڙ تي ڏئي ڇڏيا آهن جتان ملندڙ مسواڙ هو کاتي جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻ بدران پاڻ هڙپ ڪندو رهي ٿو. اهڙي ريت هن درگاهه گرهوڙ شريف وٽ قائم 15 ايڪڙ ايراضي تي مشتمل دڪان به بااثر ماڻهن حوالي ڪيا جتان ملندڙ مسواڙ به هو پاڻ استعمال ڪندو رهي ٿو. هنن چيو ته اوقاف کاتي جي زمين توڙي دڪان عام ماڻهن ۽ آبادگارن کي ڀڳڙن مٺ عيوض ڏيڻ جا وٽن سمورا ثبوت موجود آهن جنهن جي آڌار تي انهن نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين توڙي ڊي جي نيب سنڌ سميت اختيارين کي جاچ لاءِ درخواستون ڏئي ڇڏيون آهن. هنن چتاءُ ڏيندي مطالبو ڪيو ته اوقاف کاتي جي بااثر عملدارن خلاف جيڪڏهن جاچ نه ٿي ته هو ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن خلاف عدالتن ۾ پٽيشنرز داخل ڪرائيندا.