ڄام نوازعلي (ن پ ا) هڪ هفتو اڳ نئون آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ مجنو مگسي ۾ پسند جي شادي لاءِ گهران نڪتل جوڙي الله بچايو مگسي ۽ ڊيلا مگسي کي راڄوڻي زرعي واپس ڪرائي بعد ۾ ڪارنهن جي ڪڌي رسم ۾ کين قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو نئون آباد ٿاڻي تي قتل ۽ اغوا جو ڪيس 6 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو، جن ۾ 2 ڄڻا گرفتار آهن، ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار ڌر فريادي ڌر تي راڄوڻي لاءِ سخت دٻاءُ وجهندا رهيا، ان حوالي سان رات دير سان سرهاڙي جي هڪ بااثر زميندار جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جنهن ۾ فريادي ڌر خيردين مگسي ۽ جوابدار ڌر جي قادربخش مگسي شريڪ ٿيا، جتي مقتول الله بچايو جي خون ۽ سندس مبينا اغوا ٿيل ڀاءُ گلشير مگسي جي واقعي جون ڳالهيون ٻڌيون ويون، فيصلي ۾ مقتول الله بچايو مگسي جي خون بها 26 قادر بخش مگسي جي مٿان مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته مقتول جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار شفي مگسي جي ٻن ڌيرن جي خيردين مگسي جي پٽن سان مڱڻي ٿيل هئي، جيڪي سڱ فريادي ڌر کي نه ڏيڻ جي فتويٰ ٻڌائي وئي، جڏهن ته واقعي واري ڳوٺ ۾ مقتول جي پيءُ خيردين مگسي جا 4 ايڪڙ زرعي زمين جوابدار ڌر جي قادر بخش مگسي کي 48 لک ۾ وڪرو ڪيو ويو، ان حوالي سان مقتول جي پيءُ خير دين مگسي چيو ته مون غريب سان انصاف نه ٿيو آهي، زبردستي فيصلو مڙهيو ويو، آئون غريب آهيان ڪجهه نٿو ڪري سگهان، ذريعن موجب مجموعي طور جوابدار قادربخش مگسي ڌر مٿان 74 لک ڏنڊ وڌو ويو آهي، جنهن ۾ 50 لک ٿڏي تي ادا ڪيا ويا ۽ 26 لک ووئڻن جي فصل ۾ ادا ڪيا ويندا، جڏهن ته مبينا اغوا ڄاڻايل گلشير مگسي کي ڊرامائي انداز ۾ ٿاڻي تي پيش ڪيو ويو آهي، جرڳي واري واقعي کان پوليس لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي. ٻي طرف اغوا ڄاڻايل گلشير مگسي ٿاڻي تي پهچي بيان ڏنو ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، مائٽن کي بنا ٻڌائڻ ڪراچي ڪمائڻ ويو هوس.