ٽنڊوالهيار ( رپورٽر) ٽنڊي الهيار ۾ معصوم نينگر گندي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ ٽنڊوالهيار جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ بچل منڱريو ۾ 10 سالا بابر پٽ جمن مڱريو گندي پاڻي جي کڏ ڀرسان مينهون چاريندي کڏ ۾ ڪري فوت ٿي ويو. وارثن پاران ڳولا ڪرڻ بعد هڪ ڪلاڪ کان پوءِ لاش کڏ مان مليو وارثن لاش کڻائي سول اسپتال آندو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ان موقعي تي نينگر جي وارثن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اسان جي علائقي ۾ گندي پاڻي جون کڏون ڀرجي ويون آهن. پبلڪ هيلٿ ۽ بلديا وارن کي بار بار چوڻ جي باوجود پاڻي نٿو ڪڍيو وڃي جنهن جي ڪري اڳ ۾ اسان جا معصوم ٻار کڏ ۾ ڪري چڪا آهن هنن ڊي سي ٽنڊوالهيار ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته اسان جي ڳوٺ مان گندو پاڻي ڪڍرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.