ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ ڪالو سيال ۾ گھٽي مان گذرڻ تان سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري ٻنھي ڌرين جا عورتن سميت 20 ماڻھو زخمي ٿي پيا جن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال داخل ڪيو ويو. اڪرم سيال، ڪمال سيال، الله وڌايو، جمال الدين، سبحان، ڪاشف، وسيم، علي گل، صدام سيال، سخاوت، اعجاز، فرمان، رحمان، حيات زخمين ۾ شامل آهن. ٻن ڄڻن کي سکر ريفر ڪيو ويو، اسپتال ۾ موجود زخمين ھڪ ٻئي مٿان اڳرائي ڪري حملو ڪري زخمي ڪرڻ جو الزام ھنيو آھي، پوليس جو جو چوڻ ھو ڌرين جي اين سي داخل ڪري ميڊيڪل ليٽر ڏئي علاج لاءِ موڪليو آھي ڌرين جا ڪجهه ماڻھو گرفتار پڻ ڪيا آھن.