حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڄامشورو واسي صوفي راڳي قمر لطيفي پاران سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي خلاف راڳ ڳائي انوکو احتجاج ڪيو ويو. راڳي پريس ڪلب سامهون شاهه ڀٽائي جي بيتن وارو بينر لڳائي يڪتاري ۽ چپڙي سان پلاٽ تي قبضي بابت ٺاهيل پنهجو گيت ڳائي احتجاج ڪيو ۽ سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي توڙي وڏي وزير کي ڏوراپا ڏنا. هن چيو ته 15 سال اڳ سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي انتظاميا کان هن 240 گز جو پلاٽ ورتو ۽ اڍائي لک رپيا رقم ڏني پر اهو پلاٽ اڃا تائين سندس حوالي نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پلاٽ وٺڻ لاءِ هن گهر جو سون وڪرو ڪري اڍائي لک رپيا ادا ڪيا پر ايس ڊي اي انتظاميا کيس پلاٽ نه ٿي ڏي. هن چيو ته سندس پلاٽ ايس ايس پي ڄامشورو جي رهائشگاهه ۽ عدالت جي ڀرسان آهي. ايس ڊي اي جي انتظاميا پلاٽ جي رقم وٺي فائل ڏنو پر پلاٽ ٻين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. انتظاميا هاڻي اهو چئي پلاٽ نه ٿي ڏي ته ان تي وڏي وزير جي ماڻهن قبضو ڪيو آهي. هن چيو ته هن اڄ حيدرآباد ۾ احتجاج ڪيو آهي ۽ سڀاڻي لطيف جي نگري ۽ ٻئي ڏينهن قلندر شهباز جي مزار تي حاضري ڀري احتجاج ڪندو. جيڪڏهن پلاٽ تان قبضو ختم نه ٿيو ته هو وڏي وزير جي ڳوٺ واهڙ ۽ ڪراچي ۾ به احتجاج ڪندو.