ڪينبرا (شوبز نيوز) آسٽريلوي فيشن ماڊل، سينا وير 23 ورهين جي عمر ۾ گھوڙي سواري دوران حادثي کانپوءِ فوت ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 2022ع جي مس يونيورس جي فائنلسٽ ۽ ماڊل سينا وير 2 اپريل تي آسٽريليا جي ونڊسر پولو گرائونڊ تي گهوڙي سواري ڪري رهي هئي ته سندس گھوڙو ڪري پيو. ماڊل سخت زخمي ٿي پئي جنهن کان پوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي سندس علاج هلندڙ هو ۽ هو وينٽيليٽر تي هئي، پر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو. پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريلوي ماڊل جي موت جي خبر سندس گھرڀاتين شِيئر ڪندي چيو ته هنن کيس لائف سپورٽ تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب سينا وير سڊني يونيورسٽي مان انگريزي ۽ نفسيات جي تعليم ۾ ڊگري حاصل ڪئي هئي.