ڍاڪا (شوبز نيوز) 1971ع کان پوءِ هاڻ بنگلاديش ۾ پهرين هندي فلم رليز ٿيڻ پئي وڃي جنهن ۾ مرڪزي ڪردار سپر اسٽار شاهه رخ خان نڀايو. جي هاٰ! اها فلم ڪا ٻي نه پر ڪجهه عرصو اڳ رليز ٿيل پٺان آهي جنهن کي هاڻ بنگلاديش ۾ رليز ڪيو ويندو جنهن جي حتمي تاريخ جو اعلان به ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب انٽرنيشنل ڊسٽري بيوشنز جي نائب صدر نيلسن ڊي سوزا اعلان ڪيو آهي ته ڪنگ خان جي پٺان فلم 12 مئي تي بنگلاديش جي سينيما گھرن ۾ رليز ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته پٺان هندي سينيما جي اها پهرين فلم هوندي جيڪا 1971ع کان پوءِ بنگلاديش ۾ رليز ٿيندي ۽ ان تي اسان بنگلاديشي سرڪار جا ٿورائتا آهيون. نيلسن ڊي سوزا جو وڌيڪ چوڻ هو هو ته بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي بنگلاديش ۾ هڪ وڏي فين فالوونگ آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي هن جي فلم کي رليز ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي.