لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي نوجوان ڪرڪيٽر سميع اسلم پاڪستان ڇڏڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. ٽيسٽ ڪرڪيٽر عيد ملهائڻ لاءِ پاڪستان آيو ۽ واپسي دوران خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ سميع اسلم ٻڌايو ته پنهنجو وطن ڇڏڻ آسان نه هوندو آهي پر مون مسلسل نطرانداز ڪرڻ سبب ملڪ ڇڏيو، هاڻ آمريڪا ۾ گهڻو خوش آهيان. هن چيو ته ڊوميسٽڪ سيزن ۾ 900 کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون منهنجي ايوريج به 80 کان وڌيڪ هئي پر  30 رانديگرن واري لسٽ ۾ به منهنجو نالو نه آيو جنهن تي تمام گهڻي مايوسي ٿي. سميع اسلم چيو ته مايوس ٿي آمريڪا منتقل ٿيس اتي موقعا مليا آهن هاڻ خوشحال زندگي گذاري رهيو آهيان، ايلون مسڪ جي رهائش واري علائقي ۾ گهر ورتو آهي. هن چيو ته آمريڪا ۾ ڪرڪيٽ به کيڏي رهيو آهيان جڏهن ته بزنيس به ڪريان ٿو.