حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ هڪ سال اڳ ڄامشورو مان موٽرسائيڪلن جي مستري کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي 30 مئي تائين نوجوان جي بازيابي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڄامشورو جي رهواسي اڪبر سولنگي پنهنجي پٽ جي بازيابي لاءِ وڪيل شبير مري معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته 20 جون 2022ع تي سندس پٽ محمد جمن شيخ دڪان تي ويٺل هو جتان کيس 3 ڄڻا تشدد جو نشانو بڻائي کنڀي ويا. درخواست گذار عدالت کي آگاهي ڏني ته لاڳاپيل عدالت جي حڪم بعد پوليس ٻن مهينن بعد ٻئي پٽ سهيل شيخ جي فرياد تي واقعي جو ڪيس قربان سهاڳ، مراد علي سولنگي ۽ هڪ اڻڄاتل خلاف داخل ڪيو پر جوابدار اڃا تائين گرفتار ناهن ٿيا. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس خادم حسين سومرو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته گذريل ٻڌڻي تي لاڳاپيل عدالت ڊي ايس پي ڄامشورو کي رپورٽ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر ڊي ايس پي پيش نه ٿيو هو. عدالت ڊي ايس پي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کانئس پڇاڻو ڪيو ته ايترو عرصو گذرڻ باوجود نوجوان بازياب ڇو ناهي ٿيو؟ ڊي ايس پي عدالت کان مهلت طلب ڪندي چيو ته ايس ايڇ او ساڻس ڪو تعاون نه ٿو ڪري جنهن خلاف هن ايس ايس پي کي به لکيو آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين نوجوان کي بازياب ڪرائي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي.