باقراڻي (رپورٽ: احمد نواز بلوچ ) باقراڻي لڳ آريجا باءِ پاس لاڙڪاڻو-موهن جو دڙو روڊ تي برف شاپ محلي واسين جو سڙي ويل بجلي جو ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽي ڪلاڪ نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو. ان سلسلي ۾ برف شاپ محلي واسين نوجوان اتحاد جي سڏ تي ماجد علي آريجو، غلام مصطفي آريجو، سڪندر علي ڪلهوڙو، نظير آريجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ آريجا باءِ پاس لاڙڪاڻو-موهن جو دڙو روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. مڇريل شهرين ٽائر ساڙي ٽي ڪلاڪ ڌرڻو هڻي سيپڪو ڏوڪري عملدارن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. لاڙڪاڻو، ڏوڪري، باڊهه، موهن جو دڙو، راڌڻ ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي جنهن سبب مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. مسافر ۽ مظاهرين ۾ چڪريون پڻ ٿيون. جڏهن ته 3 ڪلاڪ ڌرڻو لڳل هئڻ باوجود ڪوبه علائقي جو چونڊيل نمائندو ۽ سيپڪو عملدار ڌرڻي واري هنڌ نه پهتو، ان موقعي تي مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته افسوس آهي جو اسان جي محلي جو بجلي ٽرانسفارمر گذريل ڏيڍ مهيني کان سڙي خراب آهي، محلي واسين جي احتجاج بعد سيپڪو عملدار لائن سپريڊنٽ حفيظ الله مهيسر سڙيل ٽرانسفارمر ٺهرائي ڏيڻ جي شرط تي کڻي ويو هو پر هن وقت تائين نه سڙي ويل ٽرانسفارمر مرمت ڪرائي واپس ڪيو ويو آهي نه وري تبديل ڪرائي ڏنو ويو آهي جيڪا سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي، هوڏانهن ايس ايچ او يونيورسٽي منور خاصخيلي ڌرڻي واري هنڌ پهچي سيپڪو ڏوڪري ايس ڊي او اختيار سوهو سان فون تي رابطو ڪيو ته ڳالهائڻ بجاءِ ايس ڊي او سيپڪو ڏوڪري موبائل فون نمبر بند ڪري ڇڏي، جنهن بعد بعد ايس ايچ او يونيورسٽي سيپڪو اي سي لاڙڪاڻو ۽ ٻين عملدارن سان رابطو ڪيو بعد ۾ مظاهرين سان ڳالھيون ڪري کين يقين ڏياريو ته پنج ڏينهن اندر سڙي ويل ٽرانسفارمر مرمت ڪرائي لڳرايو ويندو جنهن بعد مظاهرين احتجاجي ڌرڻو ختم ڪيو .