سيتاروڊ (ن پ ا) سيتاروڊ جي وارڊ نمبر 4 جي رهواسڻ عورت مڙس ۽ ٻارن کي مبينا طور نشو ڏئي گهران نڪري وئي، نذير کوکر پنهنجي ٻارڙن سان گڏ پ پ اڳواڻ سيتاروڊ ٽائون ڪاميٽي جي نامزد چيئرمين قمبر علي لغاري وٽ پهچي دانهيو ته گهر واري گذريل رات ٻارن سميت نشو ڏئي نڪري وئي آهي، هن چيو ته پورهيت آهيان، گهر واري ٻارن جي ماءُ آهي ڳولا ڪرائي واپس ڏياري وڃي، اهڙو اطلاع سيتاروڊ پوليس کي به ڏنو ويو، پوليس پورهيت کي عورت جي ڳولا ۾ هرممڪن قانوني مدد جي خاطري ڪرائي.