ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو ڪي بي فيڊر ڪراچي واھ ۾ 5 ورهين جو ٻارڙو هري رام ولد امر لال باگڙي ٻڏي فوت ٿي ويو، وارثن پاران نينگر جو لاش واھ مان ڪڍي ورتو ۽ لاش کڻائي گهر پھتا جتي ڪهرام متل آھي نينگر جي وارثن موجب ٻارڙو گھرڀاتين سان گڏ واھ جي ڪپ تي ڪپڙا ڌوئڻ دوران واھ جي ڪپ ڀرسان راند کيڏي رهيو هو ته اوچتو سندس پير ترڪي پيو ۽ واھ ۾ ٻڏي ويو،