جھول (ن پ ا) 16 اپريل تي سعودي عرب جي شهر رياض لڳ سرحدي علائقي ۾ پاڻي جي ٽينڪر تي ويٺل جھول واسي پورهيت عاشق عمراڻي ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ سان فوت ٿي ويو ھو، جنھن جو لاش ھن مھل تائين دفنائجي نه سگھيو آھي. فوتيءَ جو لاش رياض لڳ سرحدي علائقي جي ڊوائڊ مي اسپتال جي سردخاني ۾ پيل آھي. فوتي جي لاش جي مالڪي نه ٿيڻ ڪري لاش پاڪستان لاءِ روانو نه ٿي سگهيو نه ئي سعودي جي سرزمين تي دفنائجي سگھيو. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب فوتي پورھيت جو ڪفيل جنھن وٽ فوتي گذريل ٻن ورهين کان پاڻي جي ٽينڪر تي ھيلپري جي نوڪري ڪندو هو اھو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. جڏھن ته اڻپورا ڪاغذ پڻ فوتي پورھيت جي تدفين لاءِ رڪاوٽ بڻيل آهن. فوتي جي وارثن موجب فوتي سان گڏ مزدوري ڪندڙ پنجاپ جي شھر فيصل آباد  واسي پورهيت محمد طيب سعودي عرب مان رابطي ۾ آهي جيڪو ڪجهه ڪاغذ سعودي عرب مان ايندڙ اڱاري ڏينھن واٽس اپ تي روانا ڪندو، جيڪي فوتي جي بيواهه ۽ ٻين وارثن جي صحيح بعد جھول مان پورھيت کي موڪليا ويندا تنھن بعد اتان جي قانون موجب فوتيءَ جي سعودي عرب ۾ تدفين ڪئي ويندي.