ٽنڊومحمدخان (رپورٽ امتياز مڱريو) ٽنڊومحمدخان ۾ اڳوڻي چئيرمين، هڪ ايم پي اي ۽ ٻين ضلعي ڪائونسل جون 5 سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪيون، ڊائريڪٽر سنڌ لوڪل گورنمنٽ بورڊ نوٽيس وٺندي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ايڊمنسٽريٽر کي فوري طور ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان ڏس ۾ ٽنڊومحمدخان ضلعي ڪائونسل جون 5 سرڪاري گاڏيون واپس نه ٿي سگهيون آهن جنهن ضلعي ڪائونسل جي اڳوڻو چئيرمين سيد محمد سعيد شاهه عرف ذيشان شاهه ، پ پ ايم پي عبدالڪريم سومرو ۽ ٻين پاران ضلعي ڪائونسل جون سرڪاري 5 گاڏيون 3 سوزوڪي ڪلٽس GSF156, 157 , 158,159 ۽ 2 سوزوڪي سيز نمبر M2018, GSF155, ذاتي استعمال هيٺ آڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ، ڊائريڪٽر سنڌ لوڪل گورنمنٽ بورڊ نصرالله سرڪي ليٽر جاري ڪري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ايڊمنسٽريٽر جاويد سومرو کي گاڏيون نه جمع ڪرائڻ وارن خلاف فوري طور تي ايف آئي آر درج ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ٻِئي پاسي ضلعي ڪائونسل انتظاميا پاران 25 مارچ 2021 تي هڪ ليٽر ذريعي گاڏيون نه ملڻ جي شڪايت داخل ڪرائي وئي هئي جنهن تي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمنٽ نوٽيس ورتو آهي. هوڏانهن پوليس موجب اسان وٽ اڃا تائين ڪير به ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نه پهتو آهي جڏهن ته اڳوڻي ضلعي ڪائونسل جي چئيرمين سيد محمد سعيد شاهه جو چوڻ آهي ته مون وٽ 5 گاڏيون هيون جنهن ۾ هڪ وائيس چئيرمين ۽ 2 ضلعي ڪائونسل جي اسٽاف وٽ هيون منهنجي استعمال هيٺ صرف 2 گاڏيون هيون جيڪي اسان 6 مهينا پهرين واپس ڪري ڇڏيون هيون هاڻي اها جاچ ضروري آهي ته اهي 5 گاڏيون ڪنهن وٽ آهن.