ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ويجهو 78 موري لڳ جمڙائو ڪئنال مان اڻڃاتل شخص جو ڪپڙن کان آجو لاش ھٿ آيو، اطلاع تي دلبرمھر پوليس پھچي حد جو تڪرار ڄاڻائي لاش کي پاڻي ۾ ڪڍڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، 2 ڪلاڪن تائين لاش واهه ۾ پيل رھيو. ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد تعلقي پوليس پھچي لاش پاڻي مان ڪڍرايو ۽ ايمبولينس ذريعي لاش کي سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو جتان ضروري ڪارواين بعد لاش کي سرد خاني ۾ امانت طور رکرائڻ لاءِ ايڌي حوالي ڪيو ويو. آخري اطلاع تائين سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي. رابطو ڪرڻ تي تعلقو پوليس ٿاڻي جي ايس ايچ او ٻڌايو ته حد دلبر مھر ٿاڻي جي ھئي پر انساني ناطي ھئڻ سبب لاش کي ڪڍرائي سول اسپتال منتقل ڪيو آھي، لاش 15 ڏينهن پراڻو آھي.