ڀٽ شاھ (ن پ ا) ڀٽ شاھ ڀرسان کنڊو اسٽاپ ويجھو انبن جي باغ ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري نينگر فوت  ٿي ويو، بجلي جي ٿنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري ڳوٺ محمد موسيٰ شورو جو رهواسي 16 ورھين جو غلام محمد ولد بخشڻ شورو فوت ٿي ويو، اطلاع تي  پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.