راڻيپور (ن پ ا) سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ خلاف جسقم پاران ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ باب احمد شاھ  گيٽ کان ريلي ڪڍي وئي. مظاهرين ”پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا“ جا نعرا هڻندا پريس ڪلب راڻيپور پهتا. ان موقعي تي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، فقير امداد منگي، مجيب آزاد ڀيلار، ڪرم سامٽيو، اياز سهتو، ڊاڪٽر نذير کوکر ۽ ايڊوڪيٽ نور الله تنيو چيو ته پيپلز پارٽي هڪ سال اڳ پاڻي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف احتجاج پئي ڪيا پر هاڻي جڏھن پاڻ حڪومت ۾آيا ته آبي وسيلن وارو وفاقي وزير خورشيد شاھ چوي ٿو ته پاڻي جي کوٽ قدرتي آھي. اسان پ پ اڳواڻن کي چئلينج ٿا ڪريون ته پاڻي کوٽ هٿرادو ۽  سنڌ سان ويساھ گهاتي آھي. پنجاب سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي. هنن سنڌ جي ست ڪروڙ عوام کي اپيل ڪئي ته پنجاب جي ڏاڍائيءَ خلاف هر سطح تي آواز بلند ڪيو وڃي.