خيرپور (رپورٽر) ايس ايس پي خيرپور پ پ ايم اين اي خلاف دانهيندڙ سپاهي سميت 6 پوليس اهلڪارن جون نوڪريون  چٽ ڪري ڇڏيون. برطرف ڪيل اهلڪارن ۾ سبحان خاصخيلي، سڪندر علي قاضي، شير محمد ٻرڙو، غلام سرور لولائي، غلام جعفر جوڳي ۽ دلاور شيخ شامل آهن. ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ جو چوڻ آهي ته ڊيوٽيءَ ۾ غفلت ڪندڙ ۽ مسلسل غير حاضر رهندڙ پوليس اهلڪارن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ايس ايس پي موجب برطرف ڪيل اهلڪار مسلسل ڊيوٽين کان غير حاضر رهيا، جنهن سبب سندن نوڪريون ختم ڪيون ويون آهن. ٻئي پاسي برطرف ڪيل پوليس اهلڪار سبحان خاصخيلي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون پنهنجي ڊيوٽي جا فرض ادا ڪندي منشيات فروش جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي تعداد ۾ منشيات هٿ ڪئي هئي، جنهن تان پ پ ايم اين اي فضل شاهه مون مٿان ڏمرجي پيو هو. ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال پ پ ايم اين اي فضل شاهه جي ونگار وهندي فضل شاهه کان معافي وٺڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ۽ تاڪيد ڪيو ته آئون ٻيهر منشيات فروشن کي گرفتار نه ڪندس. ان کانپوءِ فضل شاهه کان معافي پڻ ورتي، ان جي باوجود مون کي نوڪري تان برطرف ڪري ٻچن جو روزگار کسيو ويوآهي. سبحان خاصخيلي موجب هن هميشه ايمانداري ۽ فرض شناسيءَ سان ڊيوٽي ڪئي، پر سياسي آشرواد سان مقرر ٿيل ايس ايس پي سياسي وانگار وهندي کيس برطرف ڪيو آهي. هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن کيس نوڪري تي بحال نه ڪيو ويو ته ايم اين اي فضل شاهه ۽ ايس ايس پي ظفر اقبال ملڪ جي زيادتين خلاف احتجاج طور سپريم ڪورٽ آڏو پاڻ ساڙيندس.