نئون دمبالو(ن پ ا) ٽنڊو غلام علي مان 8 مھينا اڳ اغوا ٿيل ناري واپس گھر پھچي وئي، ان ڏس ۾  ٽنڊوغلام علي مان 8 مھينا اڳ اغوا ٿيل 17 ورهين جي چندرا ڀيل  گھر پھچي وئي، ناري روئيندي صحافين کي  ٻڌايو ته مون کي بااثر عورتون شھر مان سامان وٺڻ جي بھاني گھران وٺي ويون ۽ مون کي ھڪ گھر ۾ بند ڪري پاڻ ڀڄي ويون، گهر ۾ هڪ جوابدار پريتم  ڀيل مونسان زيادتي ڪئي، هن چيو ته بااثر جوابدار مون کي خاموش رهڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، ناري موجب ته جوابدار مون کي ڇڏي فرار ٿي ويا، هن چيو ته پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ آپگهات ڪري ڇڏينديس.