ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ۾ خيرپور ناٿن شاھ واسي لاکير برادري جي عورتن ۽ مردن سي آءِ اي نوشھروفيروز ۽ ڀرياسٽي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اياز لاکير ۽ ٻين چيو ته 15 ڏينھن اڳ رات جو دير سان ڀرياسٽي پوليس ۽ سي آءِ اي نوشھروفيروز سادن ڪپڙن ۾ گھر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري پرائمري استاد مھتاب لاکير  کي کنڀي کڻي وئي، هنن الزام هنيو ته پوليس استاد جي آزادي لاءِ 10 لک رپيا گهري رهي آهي، ھنن وڌيڪ چيو ته اسان کي خدشو آھي ته پوليس مھتاب لاکير کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيندي، ھنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.