جاتي(ن پ ا)جاتي ۾ رائس مل مالڪن ۽ ڪارخانن جي مالڪن پاران ساريال جي فصل تي ناجائز ڪٽوتي ۽ مزدوري جي نالي تي 15 رپيا في مڻ تي ڪٽوتي ڪري مزدورن کي 6 رپيا مڻ مزدوري ڏيڻ خلاف آبادگارن ۽ ملن جي مزدور احتجاجي مظاهرو  ڪيو. جاتي سجاول مين روڊ ٻالواه چوڪ ۽ جاتي بدين روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ ست ڪلاڪ مڪمل بند ڪيو ويو. ان موقعي مظاهري آبادگار اڳواڻن ۽ مزدور اڳواڻن عادل لغاري،اشرف ٿهيم،ذوالفقار ترڪ،غلام جت،جمن ملاح ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته مل مالڪ ۽ ڪارخانه مالڪن جاتي تعلقي جي آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن هنن چيو ته وياجن تي مهانگا ٻج ڀاڻ خريد ڪري ساريال جي پوکي ڪئي جيڪا ساريال جو فصل لهڻ تي هاڻ واپاري پنهنجا من پسند اگھ مقرر ڪري ناجائز موڪسچر جو بحانو ڄاڻاءِ ناجائز ڪٽوتي ڪري ساڻ گڏ ملن ۽ ڪارخانن تي سارين جون ٻوريون لاهڻ جي ناجائز مزدوري پڻ لڳائي اسان کي ٻني هٿن لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي جڏهن ته آبادگارن جي فصل تي ناجائز لڳايل 15 روپيا في مڻ مزدوري جي ڪٽوتي جيڪا مزدورن کي به نٿي ڏني وڃي جيڪا سراسر آبادگار ۽ مزدورن سان ناانصافي آهي هنن چيو ته اٺ ڪلاڪن کان اسان سوين آبادگار ۽ مزدور ڌرڻي تي ويٺل رهياسين پر ڪو به چونڊيل نمائيندو نه ئي انتظاميان جو عملو پهتو،هنن حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو جاتي مل مالڪن ۽ ڪارخانه مالڪن خلاف قدم کڻي آبادگارن کي جائز اگھ ڏياري ناجائز ڪٽوتي ختم ڪرائي وڃي ۽ مزدورن کي پنهنجو حق ڏياريو وڃي.