ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي مٿانهين اڏام: 227.75 رپين تي پهتو: سون 600 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 600 رپيا لاٿ سان 151700 مان 151100 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 39 ڊالرن جي لاٿ سان 1616 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف  چاندي 1570 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 50 پئسا واڌ سان 227.25 مان 227.75 ۽ انٽر بينڪ ۾ 52 پئسا اضافي سان 221.43 مان 221.95 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف پائونڊ هڪ رپيو واڌ سان 269.5 مان 270.5 ۽ يورو ڏيڍ رپيو اضافي سان 233 مان 234.5 رپين تي پهتا هئا.