ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جهانگير پارڪ جي رهائشي ملازمن کي متبادل رهائش فراهم ڪرڻ واري معاملي تي واٽر بورڊ انتظاميا 18 قبضن جي لسٽ جمع ڪرائي ڇڏي، جنھن تي عدالت حڪم جاري ڪندي چيو ته قبضن هيٺ آيل گهر خالي ڪرائي حقدار ملازمن کي ڏنا وڃن، عدالت ڪي ايم سي کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل بدر عالم چيو ته  منهنجي موڪل کي ڪوارٽرز مان بي دخل ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، اداري سان ٿيل معاهدي موجب ملازمت دوران ڪوارٽر خالي ڪرڻ جي صورت ۾ متبادل طور 80 والن جو پلاٽ ڏنو ويندو آهي