ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان قومي شاھراھ تي تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب زخمي ٿيل پوليس اھلڪار عبدالرشيد لاڙڪ نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال ۾ زخمن جا سور نـ سھي فوت ٿي ويو، اهلڪار جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد اباڻي ڳوٺ ابراھيم لاڙڪ آندو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.