ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ نادرا عملي جي مبينا ناانصافين خلاف ڳوٺ مراد چانگ جي رهواسي عورتن زهره چانگ ۽ شبنم ابڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ن موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته نادرا ڪنڊيارو جي عملي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، هنن چيو ته هو شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ نادرا آفيس ويون ته اتان جي عملي ساڻن اڍنگو رويو اختيار ڪري کين ڌڪا ڏياري ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، هنن چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان نادرا آفيس جا چڪر ڪاٽي رهيون آهيون پر کين شناختي ڪارڊ نٿو ٺاهي ڏنو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.