ٺٽو ( رپورٽر ) سئي گئس جي برطرف ڪيل ملازمن جي ٻيهر بحالي لاءِ برطرف ملازمن پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي مڪلي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان ڏس ۾ سئي گئس جي برطرف ايمپلائيز الائينس جي اڳواڻن جاويد غني، سليم قريشي ، عمران ميمڻ، دلبر ميمڻ، سراج قريشي، يعقوب گابار ۽ ٻين جي مڪلي ۾ ڪيل احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سئي گئس سميت وفاق جي ٻين کاتن مان 16 ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍي کين وڏي عمر ۾ بيروزگار ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته جنهن عمر ۾ کين نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو ان عمر ۾ کين ڪو به ادارو نوڪرين تي رکڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته کين نوڪرين مان برطرف ڪري 16 هزار خاندانن کي فاقن واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻايو ويو آهي. هنن ملڪ جي اعليٰ عدليا کان مطالبو ڪيو ته پنهنجي ڪيل فيصلي تي نظر ثاني ڪري هزارين ملازمن کي ٻيهر نوڪرين تي بحال ڪري سندن وسامي ويل چلهن کي ٻاري خاندانن کي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.