ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب ۾ سنڌ ڀاڳيا ايسوسيئيشن پاران چوپائي مال جي پالنا، واڌ ويجھه ۽ چوپائي مال ۾ ٿيندڙ بيمارين بابت سيمينار منقعد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ ڀاڳيا ايسوسيئيشن جي اڳواڻن شاھ نواز شر، غلام محمد ڏاھر، صنم راھو، اسلم موريجو، محمد حسن ڪاڪيپوٽو ۽ وٽنري ڊاڪٽر اعجاز لغاري، ڊاڪٽر سحرش پيرزادو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان مالوند ماڻھن سان لائيو اسٽاڪ کاتي وارا ڪو به سهڪار نٿا ڪن، جنهن ڪري چوپايو مال مري رهيو آهي، هنن چيو ته حڪومت سنڌ ۽ لائيو اسٽاڪ کاتو ڪا به سار نٿو لهي، هنن چيو ته حيدرآباد ۾ لڳندڙ سالياني چوپائي مال جي نمائش ۾ سنڌ جي مالوند ماڻھن کي نظرانداز ڪيو ويندو آھي، جيڪا سراسر ناانصافي آھي. ڊاڪٽر سحرش پيرزادو چيو ته ڀلي نسل جون ٻڪريون رکندڙن کي وڏي تڪيلف ٿئي ٿي، انھن سان سھڪار ڪرڻ ضروري آھي.