ڀرياسٽي: مقتول نوجوان سمير ڪلهوڙو جي قتل جي الزام ۾ ڀرياسٽي پوليس جي حراست ورتل مک جوابدار نياز بروهي جي مبينا طور فرار ٿيڻ جا اطلاع آهن. جوابدار فرار ٿيڻ جي خبر تي نينگر جي وارثن توڙي شھرين سختي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو آھي، مقتول نينگر جي وارثن بھار ڪلھوڙو، جميل ڪلھوڙو ۽ ٻين الزام هنيو ته پوليس ڳري رشوت وٺي مک جوابدار کي ڀڄايو آھي، ھنن چيو تـ ڀرياسٽي پوليس قاتلن سان ٻٽ بڻيل آھي. وارثن موجب ڀرياسٽي پوليس مقتول نينگر جي قتل جي الزام ۾ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ھڪ خانگي جاءِ ۾ رکيو هو جتان ھو فرار ٿي ويو آھي. پوليس ان حوالي سان موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڊي ايس پي ڀرياسٽي سان بار بار رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن ڪال اٽينڊ نـ ڪئي. ذريعن موجب ڊي ايس پي پوليس اٽالا ساڻ ڪري جوابدار جي ڳولا لاءِ نڪتل آھي.