ڪراچي: ڪراچي ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي پنهنجون ذميواريون فلاحي ادارن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيون آهن، فلاحي ادارن کي ڪراچي جا 6 وڏا قبرستان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جن ۾ سخي حسن، عيسيٰ نگري، محمد شاهه ، طارق روڊ ، ماڊل ڪالوني ۽ النور جا قبرستان شامل آهن. قبرستانن کي بهتر بڻائڻ لاءِ اٺ رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڊائريڪٽر ميڊيا مئنيجمينٽ علي حسن ساجد کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. ڪراچي ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي قبرستانن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.