ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ ربن مھر وٽ نوجوان هلندڙ ٽرين مان ڪري سخت زخمي ٿي پيو، زخمي نوجوان جي سڃاڻپ پنجاب جي شھر رحيم يار خان واسي محمد ارشد طور ٿي، جنهن کي ڀرياروڊ پوليس ڀرياسٽي اسپتال داخل ڪيو، پوليس ٻڌايو ته زخمي نوجوان جي کيسي مان ڪجهه روڪ رقم، شناختي ڪارڊ ۽ گهر واري فيروزه سان اختلافن سبب تازو طلاق نامي وارو دستاويز مليو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته نوجوان گهرو پريشانين سبب خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پوليس موجب نوجوان جي وارثن سان رابطو ٿيو آهي، جن جي اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندو ويندي،