هالا(ن پ ا) تعلقي اسپتال هالا جي ٽراما سينٽر جي مين سوئچ روم ۾ بجلي جي کليل تارن ۾ ڪوئو ڦاسڻ سبب شاٽ سرڪٽ ٿي پيو، جنهن جي ڪري زوردار ڌماڪا ٿيڻ ڪري علاج لاءِ موجود مرد ۽ عورت مريضن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه مريض ڪِرِي زخمي ٿي پيا. بجلي جي روم ۾ باهه جا شعله اٿڻ ۽ تارن جي سڙجڻ ڪري خوف سبب مريضن اسپتال مان نڪرندي پنهنجون جانيون بچايون، واقعي جو اطلاع فوري طور حيسڪو جي عملدارن کي ڏنو ويو ۽ اسپتال جي عارضي بجلي بند ڪندي مين سوئچ ۾ ڦاٿل مئل  ڪوئي کي ڪڍڻ بعد اسپتال جي بجلي بحال ڪئي ويئي. ايم ايس  ڊاڪٽر اقبال جاگيراڻي، اي ايم ايس ڊاڪٽر شفيع ميمڻ فوري طور اسپتال پهچي ويا. هنن چيو ته ٽرانسفارمر وٽ لڳل تارن جي کليل هجڻ تي مرمت لاءِ حيسڪو جي انتظاميا کي باربار چيو ويو مگر سندن ڪير به نٿو ٻڌي جنهن جي اڄ اهو واقعو پيش آيو آهي.