نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز شهر ۾ بدامني وڌي وئي، ھڪ ئي رات ۾ نامعلوم چور 7 دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين رپين جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، شھر جي مٺياڻي روڊ تي نامعلوم چور سليم ڏنگراج، محبوب پنھور، جبار تڳر، منور راجپوت، زاھد ڏيٿو، فھيم مغل جي مال جي دوائن جي اسٽور، ڪريانا اسٽور، اسپيئر پارٽس دوڪانن جا تالا ٽوڙي سامان کڻي فرار ٿي ويا، شھر ۾ وڌندڙ چورين جي وارداتن خلاف دوڪاندارن الله واري چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنھن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، دڪاندارن غفور ڏنگراج، نادر ملڪ، سليم ڏنگراج، محبوب پنھور ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر ۾ ڪيتري ئي عرصي کان چورين ۽ ڦرن جو آزار وڌي ويو آهي، پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابظو آڻي چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي،