خيرپورناٿن شاھ/ ڀان سيد آباد (نمائندا) ڀان ۽ ڪي اين شاهه ۾ عورت ۽ نينگري بکئي پيٽ فوت ٿي وئي.ان ڏس ۾خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ مڱريو ماڇي ۾ سولنگي برادري جو هڪ عورت بک وگهي فوت ٿي وئي آهي.  13 ڏينهن اڳ ڳوٺ محمد کوسو جو رهواسي هشمت کوسو سپريو بند جي گهاري ۾ لڙهي ويو جنهن جي لاش جي هيئنر تائين پتو پئجي نه سگهيو آهي سندن وارث سخت پريشان آهن.ٻئي پاسي ڀان سيدآباد جي گورنمينٽ هاء اسڪول ۾ ترسيل يوسي  بوبڪ جي ڳوٺ بهادر چانڊيو واسي 12 ورهين جي صنم چانڊيو بک سبب فوت ٿي وئي، وارثن جو چوڻ آهي ته اسان ٻوڏ متاثر آهيون، کائڻ لاء ڪجهہ بہ ناهي، اسان بکون ڪاٽي رهيا آهيون، بک سبب صنم چانڊيو تڙپي تڙپي فوت ٿي آهي،هنن چيو ته ڪفن جا پئسا بہ ناهن هيا جنهن جي ڪري رکيل ڪڻڪ وڪرو ڪري ڪفن ورتو آهي، هنن چيو ته اسان ڊي سي سميت ٻين وس وارن اڳيان دانهون ڪوڪون ڪيون پر اسان کي کائڻ لاء راشن نہ مليو، هنن مطالبو ڪيو ته فوت ٿيل صنم چانڊيو جو ڪيس ڊي سي خلاف داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.