سکر (بيورو رپورٽ) سکر آباد ۽ سي سيڪشن ٿاڻن جي حدن مان 3 نامعلوم لاش ھٿ، پوليس طرفان ايڌي رضاڪارن جي مدد سان لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪرائي سندن حوالي ڪيا ويا. ايڌي سکر جي ريجنل انچارج گل مھر موجب سکر شڪارپور روڊ بس ٽرمينل ويجھو 2 نامعلوم لاش مليا آھن، سي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان 55 ورھين جي نامعلوم پيرسن جو لاش مليو، پراڻي سکر مان ھٿ آيل لاش پوليس لاوارث قرار ڏئي ايڌي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کي غسل، ڪفن بعد نئين ڳوٺ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو. جڏھن ته باقي 2 لاش پوسٽ مارٽم لاءِ 4 ڪلاڪن تائين سول اسپتال ۾ پيا رهيا،جن کي قانوني ڪارروائي بعد رضاڪارن حوالي ڪيو ويو.