ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ جي ڳوٺ راھب ماڇي جي رھواسڻ 70 سالا پيرسن عورت کي سندس ئي پٽ ميھڙ ڀرسان ٻيٽو روڊ تي رائيس ڪئنال وٽ روڊ ڪناري ڦٽو ڪري ويا آھن جنھن کي مقامي ماڻھن کڻي روڊ جي سائيڊ تي وڻن ھيٺان ويھاري ڇڏيو آھي پيرسن ٻڍڙي عورت ٻڌايو تہ منھنجو نالو مھتڻ آھي ڳوٺ راھب ماڇي جي رھواسڻ آھيان منھنجي پٽن عاشق ۽ ديدار ماڇي مون کي ھتي ڦٽو ڪري ويا آھن اسان جو سمورو ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي ھوڏانھن ذريعن مان معلوم ٿيو آھي تہ چئن ڪلاڪن بعد ٻڍڙي عورت کي وارثن تائين پھچايو ويو آھي