حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ليکڪن، اديبن، محققن، ٻولي ۽ لطيف شناسي جي ماهرن چيو آهي ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي پنھنجي شاعري ۾ سياسي ۽ سماجي شعور سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خوبصورت استعمال ۾ انتهائي ڪمال جي حدن کي ڇھيو آهي. شاھ لطيف پنھنجو لھجو تخليق ڪيو جنهن کي ڇھين لهجي طور لطيفي لهجو به چئي سگهجي ٿو. ان مخصوص تخليقي لھجي تي نئين رخ کان تحقيق جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ”لطيف جي ٻولي“ تي ٿيل مباحثي ۾ ڳالهائيندي تاج جويو، مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ ڊاڪٽر احسان دانش ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته لطيف هر طبقي جي ٻوليءَ جو شاعر آهي. خاص طور هن پورهيت ۽ پيڙهيل طبقن جي ٻولي کي محفوظ ڪيو. هن پنھنجي شاعري ۾ سياسي شعور جي انتها ڪري ڇڏي آهي. ان وقت فارسيءَ کي عزت ۽ وقار جو ذريعو سمهجيو ويندو هو پر لطيف نج سنڌي ٻوليءَ کي شاعريءَ لاءِ چونڊيو ۽ پورهيتن جي ئي لهجي ۾ شاعري ڪئي. هن چيو ته موهن جو دڙو ۽ شاھ لطيف نه هجن ها ته سنڌ نامڪمل هجي ها. اديب تاج جويو چيو ته ڀٽائي سنڌي ٻوليءَ کي عالمي سطح جي ٻولي بڻائي ڇڏيو.