ڀان سيد آباد(ن پ ا) ڀان سيد آباد ۾ 18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف دڪاندارن اختيار بروهي، ميرل لغاري، قادر ٿيٻو، شوڪت مغل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب ڀان سيدآباد اڳيان مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، صحافين اڳيان دانهيندي هنن چيو ته قهر جي گرمي دوران به شهر توڙي آسپاس جي ڳوٺن ۾ بجلي جي 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي، خلق خدا سخت گرمي ۾ تڙپي رهي آهي پر افسوس ته سيپڪو عملي جي ڪنن تي جونء به نٿي چري، هنن چيو ته ايس ڊي او سيپڪو ڀان دلپريز سولنگي رشوت جي بازار سرگرم ڪري ويٺو آهي، ايس ڊي او پاران شهر جي مختلف پاڙن ۾ نجي لائين مين ڇڏيا ويا آهن جيڪي ٽرانسفارمر بنا جواز جي بند ڪري اوڳاڙي پيا ڪن، رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ مين پرائمري اسڪول سميت مختلف پاڙن جا بجلي ٽرانسفارمر ڪاٽي بند ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته اسين بجلي جا بل به هر مهيني ادا ڪريون ٿا. هنن سيپڪو سکر جي چيف ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايس ڊي او سيپڪو ڀان کي هٽائي بجلي جي هٿرادولوڊشيڊنگ ختم ڪري بجلي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ٻي صورت ۾ هو مجبور ٿي شهر ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏيندا.