اڏيرولال(ن پ ا) اوڏيرولا وليج ڳوٺ شير محمدٺوڙها سميت آس پا س جي ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ عطائي ڊاڪٽرن ديرا ڄمائي ورتا آهن. ڪيتريون ئي غيرقانوني اسپتالون کولي ٻهراڙي جي غريب اٻوجهه ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا آهن. شڪايتن جي باوجود به صحت کاتي مٽياري جي عملدارن اکيون بند ڪري ڇڏيون. عطائي ڊاڪٽرن جي علاج سبب ڪيترائي رهواسي وچڙندڙ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. عوامي شڪايتن باوجود صحت کاتي مٽياري جي ڇاپا مار ٽيم ڪو به ٻوٽو ناهي ٻاريو، جڏهن ته عطائي ڊاڪٽرن سياڻپ جو مظاهرو ڪري ڪرائي تي خريد ڪيل ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن جا بورڊ هڻي بنا ڪنهن خوف جي اٻوجهه عوام جو علاج ڪري رهيا آهن. نتيجي ۾ علائقي واسين ۾ ڪاري سائي، ٽي بي، ايڊز سميت ٻين وچڙندڙ بيمارين جي وَر چڙهيل آهن. اهو به معلوم ٿيو آهي ته مقامي ميڊيڪل اسٽور مالڪن جي ملي ڀڳت سان عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون کليل آهن، جيڪي مبينا طور هر مهيني صحت کاتي مٽياري کي منٿلي پهچائين ٿا. 2007 ۾ ڊسپينسري وارو لائسنس وارو شرط ختم ڪري بي فارميسي وارو شرط لاڳو ڪيو ويو هو، پر ان جي باوجود اڃان تائين ڪنهن به ميڊيڪل اسٽور تي بي فارميسي جو لائسنس ناهي. جڏهن ته ميڊيڪل لا مطابق اسٽورن جي دروازن جا رخ ۽ شيشا سج جي تپس کان پاسيرا ۽ محفوظ هوندا آهن، پر هتي ميڊيڪل اسٽور مالڪن اسٽورن کي ريزڪي دڪان سمجهي دوائون لوڻ مرچ جيان وکر ڪري وڪرو ڪري رهيا آهن. رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته عطائي ڊاڪٽرن ۽ قانون تي عمل نه ڪندڙ ميڊيڪل اسٽورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.