ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار ختم نه ٿي سگھيو آهي، شهرين پاران سڀاڻي هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي.ا ن ڏس ۾ واپارين سوشل فورم جي سڏ تي محمد اقبال چارڻ مھراڻ علي تڳر جبار ابڙو امتياز علي دل درمحمد کرل وسيم جوڻيجو ضمير ناريجو مٺل جيسر سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڪڙ جي مين روڊ تي ٽئين ڏينھن به احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو. شھرين اقبال چارڻ مھراڻ علي تڳر جبار ابڙو چيو آھي ته ٽن ڏينھن کان بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر جي تبديلي لاء پرامن نموني احتجاج ڪري رھيا آھيون پر سيپڪو عملدارن کي ڪن تي جون به نٿي چري. سخت گرمي ۾ لوڊشيڊنگ عوام جا لاھ نڪري ويا آھن بجلي بند ھئڻ ڪري ڪاروباري مرڪزن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي. بجلي واري وفاقي وزير سيپڪو چيف سکر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته ھٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪري سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪيا وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو اسين سڀاڻي سومر ڏينھن ۾ شٽر بند ھڙتال جو سڏ پڻ ڏيون ٿا.