ڊگهڙي (ن پ ا) واپڊا ڊگهڙي طرفان دمبالو فيڊر، ڪاڇيلو فيڊر، انب موري فيڊر، ديهه۔170فيڊر تي آباد ڳوٺن ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب عوام عذاب واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهي. انهيءَ حوالي سان دمبالو فيڊر ۽ ڪاڇيلو فيڊر جي ڳوٺاڻن ڪمليش ڪمار، قمر زمان شاھ، وجيس ڪمار ۽ ٻين چيو ته واپڊا طرفان اسان جي ڳوٺن ۾ لڳ ڀڳ 16 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي، ان سان گڏ وولٽيج گهٽ هئڻ ڪري گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ فرج، اي سي، ٽي وي، پاڻي وارا موٽر ۽ ٻيون هيوي مشينون نه ٿيون هلن، سخت گرمي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب زندگي عذاب بڻجي وئي آهي، ايڪسين ۽ ايس ڊي او واپڊا کي شڪايتون ڪيوسين پر اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته هٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪيو وڃي.