ڀان سيد آباد ويجهو چوري الزام ۾ گرفتار ٿيل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

0
248

ڀان سيد آباد (ن پ ا) ڀان سيد آباد ويجهو چوري الزام ۾گرفتار ٿيل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، وارثن پوليس خلاف سيوهڻ ۾انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو. ڀان سيد آباد شهر ڀرسان نوجوان راشد پٽ موسيٰ لاشاري جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، پوليس لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ مناهيون واسي نوجوان جي وارثن سيوهڻ ۾لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو. نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڀان سيد آباد پوليس چوري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايس ايڇ او ڀان نوجوان کي تشدد ڪري قتل ڪيو آهي. هنن چيو ته پوليس لاش اسپتال ۾ڦٽو ڪري فرار ٿي وئي، ايس ايڇ او تي ڪيس داخل ڪيو وڃي. وارثن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.