ڀٽ شاهه ويجهو تيز رفتار ٽرالر ۽ ڪيري جي ٽڪر ۾ 7 ڄڻا زخمي

0
300
مورو ويجھو روڊ

ڀٽ شاھ (ن پ ا) ڀٽ شاهه ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر ۽ ڪيري جي ٽڪر ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي حيدرآباد نيو ويو. قومي شاهراهه تي ميرن جي ڪوٽ وٽ تيز رفتار ۽ ڪيري جي ٽڪر ۾ ڪيري ۾ سوار 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ غلام مصطفيٰ، سلمان، سرفراز، مسمات ريشمان، دلاوربروهي ۽ ٻيا شامل آهن، جن ڀٽ شاهه بعد حيدرآباد نيو ويو. ٽرالر جو ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو. ٽرالر کي پوليس پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. زخمي هڪ ئي خاندان جا ٻڌايا وڃن ٿا جيڪي دوڙ کان نصر پور وڃي رهيا هئا.