ڪوئيٽا: اپوزيشن جي 17 اسيمبلي ميمبرز خلاف ڪيس داخل

0
312

ڪوئيٽا(ڊيسڪ رپورٽ) پوليس بلوچستان اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي 17 ميمبرز جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، اپوزيشن ميمبرز جي خلاف ڪيس بجلي روڊ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ سرڪار جي ڪم ۾ مداخلت، ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ۽ پوليس اهلڪارن تي حملي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جمعي تي بجيٽ اجلاس جي موقعي تي اپوزيشن ميمبرز پنهنجي حامين سان گڏجي اسيمبلي گيٽ زبردستي بند ڪرايو، پوليس اهلڪارن سان منهن ماري ڪئي، حملا ڪيا، اهلڪارن جون ورديون ڦاڙيون جنهن ۾ 5 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻئي طرف وزيراعليٰ بلوچستان ۽ پوليس آفيسرن جي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي لاءِ اپوزيشن جي درخواستن تي ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي.