اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ ٿيندڙ ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي تي وفاقي حڪومت جا خدشا برقرار آهن. قومي ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت شڪي ٿيندي پئي وڃي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي به ميگا ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ اين او سي به جاري نه ڪيو ويو. ذريعن وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم وڏو سبب آهن جڏهن ته ڀارت هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪندو. واضح رهي ته ڀارت پاڪستان ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ ۾ حڪومت طرفان اين او سي جاري نه ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي شرڪت کان انڪار ڪيو آهي.